عبدالڪريم قريشي ٻير وارو مولانا

عبدالڪريم قريشي، ٻير وارو، مولانا: نامور عالم مولانا عبدالڪريم قريشي ‘ٻير وارو’ سنڌ جي مشهور قريشي خاندان ۾ سيپٽمبر 1923ع ڌاري ٻير شريف تعلقي قنبر ۾ جنم ورتو. هن خاندان جو وڏو مولانا مفتي محمد هو، جيڪو صاحب ‘قضا’ جي عهدي تي فائز رهيو، ان ڪري کين قاضي به سڏيو ويندو هو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪئي، جنهن بعد ڳوٺ ‘هني’ جي مولوي محمد ايوب تنيو، ڳوٺ لاکا جي مولوي تاج محمد مگسي ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ سميت ڳوٺ گورو پهوڙ جو مير بخش ڀٽو ۽ نامور جيد عالم مولانا عبدالله چانڊيو سندس استاد رهيا. پاڻ مدرسة مظهر العلوم کڏي ڪراچيءَ ۾ ٻه سال مولانا محمد صادق وٽ پڙهيو ۽ ست سال مدرسة انوار العلوم، ڪنڊياري ۾ پاڻ پڙهايائين. درس ۽ تدريس ۾ هميشه قرآن ۽ حديث جي تعليم کي ترجيح ڏنائين. هن 1948ع ۾ مولانا الله هاليجوي'>حماد الله هاليجوي جي هٿ تي بيعت ڪئي، جنهن جي حڪم سان 1958ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ٻير شريف ۾ ‘مدرسة سراج العلوم’ جو بنياد رکيائين. سندس روحاني فيض سبب نه صرف سندس ڳوٺ ٻير شريف ڏيهان ڏيهه مشهور ٿيو، بلڪه ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سندس مريد اڄ به موجود آهن. سندس زندگيءَ جو گهڻو عرصو مولانا لاهوري، مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا مفتي محمود، شيخ الاسلام درخواستي ۽ مولانا غلام غوث هزاروي سان گڏ گذريو. سياسي حوالي سان پاڻ ’ريشمي رومال تحريڪ‘ ۾ گهڻو سرگرم رهيو، جڏهن ته ‘تحريڪ ختم نبوت ’ ۾ به مرڪزي اڳواڻ هو. حضرت مولانا مفتي محمود سان گڏجي 1956ع ۾ ‘جمعيت علماءَ اسلام’ جو بنياد وڌائين، جنهن جو آخري وقت تائين سرپرست رهيو. 1956ع ۾ ئي تحريڪ جي ڪم جو آغاز ڪيائين ۽ ايوب خان جي ڪارن قانونن خلاف آواز بلند ڪيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ‘ڪلام پاڪ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ۽ تفسير’، ’اسلامي نظام جي دعوت‘ ۽ ’انسان جي عظمت‘ قابل ذڪر آهن. سندس قائم ڪيل مدرسي ’مدرسه عربيه سراج العلوم‘ مان سنڌ سميت پاڪستان جي ڏورانهين علائقن کان سواءِ ايران، افغانستان ۽ سعودي عرب جي شاگردن فيض حاصل ڪيو. هن 80 سالن جي ڄمار ۾ ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ دل جي دوري سبب 4 جنوري 1999ع تي وفات ڪئي. کيس ٻير شريف تعلقي قنبر جي جامع مسجد لڳ والد جي پاسي ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو